| بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست رد |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بشريٰ بي بي جي فيملي پاران ذاتي ڊاڪٽرن سان ملاقات ۽ ضروري سامان فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل درخواستگذار کي ٻڌڻ بعد بشريٰ بي بي جي فيملي ۽ ذاتي ڊاڪٽر سان ملاقات ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ريپريزنٽيشن بابت فيصلي کان عدالت کي آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جيل رولز کي نظر ۾ رکندي دليل طلب ڪري ورتا. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ارباب محمد طاهر ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل نويد حيات ملڪ ۽ سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل ساجد بيگ عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواستگذار مبشره مانيڪا جو وڪيل سلمان اڪرم راجا به عدالت ۾ موجود هيو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل ريپريزنٽيشن تي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان درخواستگذار کي ذاتي طور سڏي ٻڌو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اسان عدالتي حڪم تي عمل ڪيو، کين ٻڌڻ بعد ريپريزنٽيشن تي فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ فوري طور ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي آهي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته انهن پنهنجي رپورٽ ۾ ملاقات نه ڪرائڻ جو سبب لکيو آهي. رپورٽ موجب سياسي معاملا ٻاهر بحث هيٺ آندا ويا آهن. رپورٽ ۾ بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو جون ٽوئيٽس به شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هوءَ ڪڏهن اڊيالا جيل وئي ئي ناهي ۽ پرڏيھه ۾ رهي ٿي. ڪنهن ٽئين شخص جي ٽوئيٽس جي بنياد تي ڌيءَ کي ملاقات کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان هميشه لاءِ پابندي ناهي لڳائي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.