اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بشريٰ بيبي جي ذاتي ڊاڪٽر پاران کيس زهر ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو آهي ته بشريٰ بيبي کي زهر ڏيڻ جي تصديق ناهي ٿي
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو ته بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ بابت نه شاهديون مليون آهن ۽ نه ئي وري اهڙي ڪا ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي
سندس چوڻ هو ته بشريٰ بيبي کي 2 مهينا اڳ کاڌو کائڻ ۽ هضم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿي هئي، خبر ناهي ته اها تڪليف ڇو ٿي هئي
هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت هاڻي بهتر آهي کيس ڪجه عرصو اڳ طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب کائڻ پيئڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي ۽ باني پي ٽي آءِ کي بک لڳڻ بند ٿي وئي هئي پر هاڻي سندس صحت بهتر آهي پر تنهن هوندي به کيس معمول موجب بک نٿي لڳي
هوڏانهن پنجاب جي سُڌ سماءَ جِي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته بشريٰ بيبي کي زهر ڏيڻ وارو زال مڙس جو ڪوڙ 24 ڪلاڪن ۾ وائکو ٿي ويو آهي
هن چيو ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽرز جي ٽيم اڄ بشريٰ بيبي جو تفصيلي معائنو ڪيو، چيڪ اپ ۾ زهر ڏيڻ يا ٽوائليٽ ڪلينر جا ڦڙا وجهڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن، ظاهر ٿي ويو ته ٻنهي زال مڙس کي ڪوڙ جي عادت آهي