بشريٰ بي بي کي مرچن وارو کاڌو کارايو ويو: ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ درخواست

فيبروري 22, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي کي مرچن وارو کاڌو کارائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ھاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آئي جي ڀيڻ عظميٰ جي بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل چيڪ اپ جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن کي ختم ڪري ڇڏيو، جسٽس ثمن رفعت امتياز اڄ عظميٰ خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي

درخواست مطابق بشريٰ بي بي توشه خانه ڪيس ۾ سزا ملڻ کانپوءِ بني گالا جي رھائش گاھه ۾ قيد آھي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي ته خانداني معالج ڊاڪٽر عاصم يوسف کي بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل چيڪ اپ جي اجازت ڏني وڃي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پمز اسپتال جي سينئير ڊاڪٽرز کي به ڊاڪٽر عاصم يوسف جي موجودگيءَ ۾ بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل چيڪ اپ جا حڪم ڏنا وڃن

هوڏانهن  جيل انتظاميا بشريٰ بي بي کي جيل منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سپرينٽنڊنٽ اڊيالا جيل رپورٽ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري بشريٰ بي بي کي جيل منتقل نٿا ڪري سگھون، جيل ۾ جاءِ گھٽ آھي، 250 عورتون پھريان ئي جيل ۾ قيد آھن

ٻئي طرف عمران جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو آهي ته بشريٰ بي بي کي مرچن وارو کاڌو کارايو ويو جنهن سبب تڪليف ٿي، وات ۾ ڦلوڪڻا نڪري پيا

هن چيو ته بشريٰ بي بي سان ملاقات ٿي آهي، پهرين ڏينهن بشريٰ کي روزو هو، کيس جيڪو کاڌو ڏنو ويو ان ۾ مرچ تيز هئا، ڳلي ۾ زخم ٿي پيا جنهن ڪري ٻئي ڏينهن ناشتو به نه ڪري سگهي، بشريٰ بي بي جي جان کي خطرو آهي

Leave A Comment