بشريٰ جي به ضمانت منظور: جيل انتظاميا تي 10 هزار رشوت گهرڻ جو الزام

آگسٽ 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانه جي تحفن جي نيلامي واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور 12 سيپٽمبر تائين منظور ڪئي وئي

اسلام آباد جي عدالت 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جي 12 سيپٽمبر تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي

بشريٰ بي بي عدالت آڏو پيش ٿي حاضري لڳائي، جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته بشريٰ بي بي صحيح ڪري ورتي آهي ته کيس عدالتي ڪمري مان روانو ڪيو وڃي

بشريٰ بي بي جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات لاءِ جيل وئي، جيل جي آفيسر پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل اندر کاڌو ڏيڻ لاءِ 10 هزار رپيا گهريا، جيل جي آفيسر چيو ته 10 هزار روپيا ڏيندا ته قيديءَ کي جيل اندر توهان جي مرضيءَ جو کاڌو ملندو

بعد ۾ جيل آفيسر بشريٰ بي بي تي رشوت ڏيڻ جا الزام هنيا، عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪري ورتا

Leave A Comment