بشريٰ جي عدت دوران نڪاح بابت فيصلو محفوظ: زنا ڪيس ۾ 2شاهدن جي شاهدي ضروري آهي: وڪيل
جنوري 16, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت دوران نڪاح ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، بشريٰ بي بي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بشريٰ بيبي تي عدت دوران نڪاح جو الزام ڪوڙو آهي، الزام لڳائيندڙ جي تاريخ مڃي وٺون، تڏهن به عدت مڪمل ٿي وئي هئي، شڪايت ڪندڙ پاڻ مڃيو آهي ته هُن 14 نومبر تي طلاق ڏني هئي، عدت جو مُدو 39 ڏينهن ۾ مڪمل هجڻ جو فيصلو موجود آهي، عدت ۾ نڪاح جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ زنا جي سيڪشن سبب ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ويو، 6 سالن بعد درخواستگذار کي خيال آيو ته سندس زال اهو سڀ ڪجهه ڪندي رهي، زنا جي ڪيس ۾ ٻن شاهدن جي شاهدي ضروري آهي، جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته سيڪشن فور نائين سيوِن بابت ڇا چوندا، هِن سيڪشن ۾ درخواسگذار ڪوڙو ثابت ٿئي ته اُن خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، بشريٰ بيبي جي وڪيل چيو ته خبر آهي ته خاور مانيڪا چار مهينا ڪٿي رهيو، پوءِ واپس آيو ۽ درخواست فائل ڪري ڇڏي، عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، بشريٰ بيبي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي نوٽيس جاري ڪيو ويو.