راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته منهنجي گهر واري کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو آهي، سندس زبان ۽ کل تي نشان آهن، بشريٰ بي بي جو شوڪت خانم اسپتال مان فوري ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي
پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اهڙو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ باني چيو ته بني گالا کان اڊيالا جيل تائين سموريون شيون ڪنٽرول ڪيون پيون وڃن
هن چيو ته مون کي پتو آهي ته ان پٺيان ڪير آهي، بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ واري معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي، عدالت بشريٰ بي بي جي طبي معائني جي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي
صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آواز اٿارڻ تي ججز کي سلام ڪريان ٿو اميد آهي ته اهي ملڪ کي بچائيندا، ججز جيڪو خط لکيو رجيم چينج ٿي هئي ته اهي ڳالهيون تڏهن کان هلي رهيون آهن
هن چيو ته ججز اسان کي پيغام ڏيندا هئا ته اهي بيوس آهن، شڪر آهي ته تصدق جيلاني ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ 7 رڪني بينچ جوڙي، ججز جو خط لکڻ سنجيده معاملو آهي ان تي فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي
صحافي سوال ڪيو ته شوڪت صديقي جڏهن الزام هنيو ان وقت اوهان جي حڪومت هئي جنهن تي عمران چيو ته جنرل فيض هجي يا ڪو ٻيو جاچ ٿيڻ گهرجي، جنرل فيض جي مقرري مون نه ڪئي هئي، باجوا چيو هو ته چپ نه ويٺس ته ڪيس هلندا ۽سزائون ملنديون
هن چيو ته عدت ڪيس جو فيصلو ڏيندڙ جج قدرت الله ٻڌايو ته هو پٽ جو وليمو نٿو ڪري سگهي جيستائين ڪيس جو فيصلو نه ٻڌائيندو، سائفر ڪيس ۾ بيان ٿي رهيا هئا، 10منٽن لاءِ ججز ٻاهر ويا ۽ موٽي اچي فيصلو ٻڌايو
شب معراج واري رات کاڌي ۾ ٽوائليٽ ڪلينر وڌو ويو: بشريٰ
ٻئي طرف بشريٰ بي بي به صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شب معراج واري ڏينهن منهنجي کاڌي ۾ ٽوائليٽ ڪلينر وڌو ويو، جاچ مان خبر پئي ته ٽوائليٽ ڪلينر سان هڪ مهيني بعد طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي، مون کي اکين ۾ سوڄ ۽ سيني ۽ معدي ۾ تڪليف ٿئي ٿي، کاڌو ۽ پاڻي به ڪڙو لڳي ٿو، کاڌي ۾ ٽوائليٽ ڪلينر ملائڻ جي ڳالهه جنهن ماڻهو ٻڌائي ان جو نالو ٻڌائينديس
بشريٰ کي سلوپوائزن ڏنو پيو وڃي، ڪجهه ٿيو ته طاقتور ذميوار هوندا: گوهر
هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بشريٰ بي بي کي سلو پوائزن ڏنو پيو وڃي، کيس ڪجهه ٿيو ته طاقتور ماڻهو ذميوار هوندا، بشريٰ بي بي جي ذميواري اُنهن مٿان آهي، جِن کيس سب جيل ۾ رکيو آهي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي گوهر خان چيو ته توشا خانه ۾ به مڃيو ويو ته پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس بي بنياد آهي، پي ٽي آءِ باني ججز جي خط بابت سپريم ڪورٽ جي سوموٽو نوٽيس تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي
بشريٰ وي لاگرز سان ڳالهائيندي رهي، صحافين جو احتجاج
بشريٰ بي بي صحافين کي نظرانداز ڪندي وي لاگرز سان ڳالهائيندي رهي، صحافين پاران احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني عمران چيو ته بشريٰ بي بي ڪڏهن به ميڊيا کي ڊيل نه ڪيو آهي، سندس ڳالهين کي سنجيده نه وٺو