بشريٰ ۽گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو رنڊڪون ٽوڙي غازي بروٿا پهچي ويو: اسلام آباد سيل: چڪريون: زين، عامر، صداقت سوڌو 400 کان وڌيڪ گرفتار

نومبر 25, 2024

اسلام آباد/پشاور/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ ) پي ٽي آءِ جو احتجاج لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ، روڊ رستا سيل، گنڊاپور ۽ بشريٰ جي اڳواڻي ۾ قافلو پنجاب ۾ داخل، چڪريون، 400کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار، پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته ڳالهين جو وقت ختم، هر صورت اسلام آباد ڊي چوڪ پهچنداسين، عمران جي آزادي کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ پاران اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا روانا ٿي چڪا آهن. عمران جي آزادي سوڌو ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پي ٽي آءِ جا بلوچستان ۽ سنڌ جا قافلا ڪي پي پهتا جتان وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي جي قيادت ۾ اسلام آباد لاءِ روانا ٿيا، گنڊاپور پشاور کان صوابي پهتو جتي مغرب جي نماز ادا ڪئي ۽ اڳتي روانو ٿيو، مرڪزي قافلو وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي جي قيادت ۾ صوابي کان رانو ٿيو، جيڪو پنجاب ۾ داخل ٿيو، حضرو وٽ پهچڻ بعد اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو. اٽڪ پل تي پوليس سان چڪريون ٿيون، پي ٽي آءِ اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته قافلن جي قيادت ڪي پي جو وڏو وزير ڪري رهيو آهي، بشريٰ بي بي جي گاڏي علي امين گنڊاپور جي پويان آهي، عمر ايوب جي اڳواڻي ۾ به قافلو پنجاب ۾ داخل ٿيو جتان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو،  ان کان اڳ عمر ايوب جي قافلي کي جنڊال برئير تي روڪيو ويو جتي چڪريون ٿيون. گنڊاپور ۽ عمر ايوب جي اڳواڻي ۾ قافلو حضرو پهتو. احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ملتان ۾ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرز عامر ڊوگر، زين قريشي، معين رياض، حافظ ذيشان ۽ اسلام آباد ۾ صداقت عباسي سوڌو 400 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، فيض آباد وٽان 60 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي.اسلام آباد ۾ مجموعي طور 595 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن، جن ۾ ساهيوال ۾ ايم اين اي راءِ حسن نواز، ايم اين اي عظيم الدين به شامل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب ۾ ڪريڪ ڊائون ۾ 490 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن مختلف علائقن مان 100 کان وڌيڪ ڪارڪن لاپتا آهن،  اسلام آباد جي ايندڙ ويندڙ رستن کي 1200 ڪنٽينرن سان سيل ڪيو ويو آهي، پوليس، رينجرز ۽ ايف سي سوڌو 40 هزار نفري مقرر آهي. فيض آباد انٽرچينج وٽ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، فيض آباد، چنگي 26، ڊيره اسماعيل انٽرچينج ۽ٻين هنڌن تي پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي ۽ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو. آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڏڦيڙ يا شر انگيزي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، صوابي انٽرچينج وٽ خطاب ڪندي وزيراعليٰ گنڊاپور چيو ته سڄي طاقت رستا کولڻ ۾ لڳائڻي آهي ۽ منظم ٿي اڳتي وڌڻو آهي، هر صورت ۾ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي پهچنداسين، پي ٽي آءِ باني جي آزادي تائين واپس نه وينداسين. اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته ڳالهين جو وقت ختم، حڪومت وٽ باني جي آزادي کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻو پوندو، ڪوبه سڏ ناڪام ناهي ٿيو، باني لاءِ جان به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، دُنيا سوال پُڇي رهي آهي ته هي ماڻهو پنهنجي ملڪ سان ڇا ڪري رهيا آهن؟ حڪومت پاڻ ئي اسان جو پلان پورو ڪري ڇڏيو، اسان جو پلان هو ته اسلام آباد بند ڪنداسين، پر حڪومت پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن سموريون رنڊڪون پار ڪري ويندا، اسان جي احتجاج لاءِ 3 لک شيل به ڪافي نه آهن.

Leave A Comment