بشريٰ 6 ڪلاڪ عمران جو انتظار ڪندي رهي: گاڏيون به تبديل

مَي 31, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) احتساب عدالت دليل ٻڌڻ بعد بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست کي اڻ اثرائتو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو

نيب پاران احتساب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاري نه ٿا چاهيون، بشريٰ بي بي جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري نه ٿيا آهن، عمران خان غلط بياني ڪري نيب کي دٻاءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿو

عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جج محمد بشير جي عدالت آڏو پيش ٿيا، ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه آهي

اسان بشريٰ بي بي جا ڪڏهن به وارنٽ جاري نه ڪيا آهن، جڏهن وارنٽ ئي جاري نه ٿيا آهن ته ضمانت جي درخواست به خارج ڪئي وڃي

بشريٰ بي بي ڪيس ۾ رڳو جوابدار آهي، جوابدار بشريٰ بي بي ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار ڪري

عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته بشريٰ بي بي عدالت جي حڪم تي نيب جي آفيس مڙس سان گڏ وئي، نيب پاران بشريٰ بي بي کي واپس اماڻيو ويو، بشريٰ بي بي نيب آفيس ٻاهران 6 ڪلاڪن تائين گاڏيءَ ۾ ويهي عمران خان جو انتظار ڪندي رهي

عدالت مان روانگي جي موقعي عمران ۽ بشريٰ بي بي گاڏيون تبديل ڪيون، ٻئي هڪ گاڏي مان لهي ٻي گاڏي  ويهي رهيا، ٻئي هڪ ئي گاڏي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺا.

Leave A Comment