بعد ۾ ڏسي وٺندس، اسحاق ڊار صحافي جي سوال تي ڪاوڙجي پيو

مَي 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف معاهدي بابت صحافي جي سوال تي چڙي پيو ۽ سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

صحافي پاران ناڻي وزير کان سوال ڪيو ويو ته ڇا آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيڻ اوهان جي ناڪامي آهي؟

اسحاق ڊار جواب ڏيڻ بدران ابتو صحافي کان ئي سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان ڊفالٽ ٿي ويو آهي؟

اسحاق ڊار صحافي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي جيڪو فيصلو ڏيڻو آهي اهو ڏئي ڇڏيو آئون بعد ۾ ڏسي وٺندس

اسحاق ڊار اهو به چيو ته پاڪستان سموريون انٽرنيشنل ادائگيون ڪري ڇڏيون آهن

اسحاق ڊار آءِ ايم ايف ۽ بجيٽ بابت وڌيڪ سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو

Leave A Comment