بغاوت ڪندڙ ايراني فٽبالر عورتن کي معافي جو اعلان

بغاوت ڪندڙ ايراني فٽبالر عورتن کي معافي جو اعلان

تھران (م ڊ) ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قليباف جو چوڻ آهي ته ايران جي عورتن جي فٽبال ٽيم جي واپس ايندڙ ميمبرن جي آجيان ڪئي ويندي. آسٽريليا ۾ هڪ ميچ ۾ ايراني قومي ترانو ڳائڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ ٽيم تڪرار جو مرڪز بڻي ۽ کين غدار قرار ڏنو ويو. ڇهن رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف جي هڪ ميمبر پوءِ آسٽريليا ۾ پناهه جي آڇ قبول ڪئي پر بعد ۾ ھنن فييصلو واپس ورتو ۽ ملڪ موٽڻ جو فيصلو ڪيوئ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ قليباف چيو ته ٽيم ميمبر هن ڌرتي جون پياريون ڌيئرون آهن ۽ ايران جا ماڻهو انهن کي گلي لڳائيندا. اسان جون ڌيئرون فخر سان پنهنجي ابدي گهر ايران موٽنديون.