بغاوت ۽ شهرين کي ڀڙڪائڻ جا الزام، پي ٽي آءِ وارن خلاف ڪيس

مَي 10, 2023

ڪراچي( نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاجن دوران ملڪ خلاف نفرت پکيڙڻ توڙي رياستي ادارن جي حاضر سورس توڙي رٽائرڊ آفيسرن خلاف گٿن لفظن جي استعمال خلاف شهرين طران ڪيس داخل ڪرايا ويا قمبر جي سٽي ٿاڻي تي شهري محمد اسلم گوپانگ جي فرياد تي پي ٽي آء ضلعي صدر محمد علي هڪڙو.صدام گوپانگ.نثار ڏيپر. عاقل چانڊيو.منظور لغاري.احمد علي ڀٽو ۽ 30 اڻڄاتلن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو شهدادڪوٽ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي تي شهري غلام قادر مگسي پهچي اعجاز بروھي ، مبين مگسي ، محمد امين مگسي ۽ احمد علي ڀٽو  سميت 30 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي رتيديري ۾ تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 14 ڄڻن تي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ فورس جي آفيسرن خلاف ڀڙڪائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو پوليس سميع الله ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار طرفان ايس ايڇ او جاويد ميمڻ جي فرياد  تي ظھر بابر زنڱيجو، اعظم انصاري، اسد راجپوت ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

Leave A Comment