| بقائي ميڊيڪل ۽ محمدن ڊينٽل ڪاليجن جا پورٽل کولڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ محمدن ڊينٽل ڪاليج ميرپورخاص جا پورٽل کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڪيل شهاب امام جو چوڻ هو ته پي ايم ڊي سي پاران پورٽل بند ڪرڻ سبب شاگردن جو تعليمي ڪيريئر متاثر ٿيندو، پورٽل بند ڪرڻ جو سبب تعليم ناهي، ادارن جي زمينن ۽ ٻين معاملن ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، انهي جي سزا شاگردن کي نه ملڻ گهرجي.