بلاول، شهيد ذوالفقار جيان مسلم امت جو ڪيس وڙهي پيو: مرادشاهه

جُون 23, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ امريڪا شامل ٿي ويو آھي پاڪستان ڀارت کي ڀرپور شڪست ڏني آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جنگ دوران فوج جي جرئت تي سڄي فوج ۽ سربراھن کي خراج پيش ڪريان ٿو ، بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيشنل ميڊيا آڏو مضبوط ڪيس رکيو ، جنگ دوران بلاول ڀٽو زرداري جو ڪردار ساراھ جوڳو رھيو ماضي ۾ اسان پنھنجو ڪيس سٺي انداز ۾ پيش نه ڪري سگھيا ھئاسين، بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان پوري مسلم امت جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.

13 جون تي بجيٽ پيش ٿي ان تي سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪرڻ آئيني حق آهي صوبائي اسيمبلي ۾ احتجاج بابت رولز آهن، جن ۾ اهو ذڪر آهي ته ڪنهن ميمبر کي ڳالهائڻ دوران خلل نه وڌو ويندو، مون چيو اسان جي اڪثريت جي تعداد ايتري آهي جيتري ماضي ۾ ڪڏهن به نه رهي آهي، ڪنهن جي منهن تي بيهي چور چور چوڻ ۽ اهو چوڻ ته کائي ويا کائي ويا ڪهڙو طريقو آهي اها بدتميزي هئي،

16 جون تي ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪنهن جي تقرير آڏو رڪاوٽون نه وڌيون وينديون، ڪنهن جي آڏو بيهي چور چور چوڻ ڪٿان جو اخلاق آهي، هن وقت 135 هون ميمبر آهيان ان کان اڳ ڪڏهن به ايترن ميمبرن ناهي ڳالهايو،13  جون تي ڪو احتجاج نه پر بدتميزي هئي، اسان وٽ اڪثريت آهي پر ان باوجود سمورن ميمبرن کي ڳالهائڻ جو حق ڏنو آهي.

بجيٽ تي 42 ڪلاڪن کان وڌيڪ بحث ڪئي وئي آهي، هن وقت اسيمبلي م 162 ميمبر آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي جي هر ميمبر ڳالهايو آهي، ڪي پي ۾ 145 ميمبرن مان رڳو 53 ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي

جمهوريت آهي ته رڳو سنڌ ۾ آهي، پنجاب اسيمبلي 378 ميمبرن مان هن وقت تائين 46 ميمبرن ڳالهايو آهي، هن وقت سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٽوٽل بجيٽ جو  30 سيڪڙو آهي، پنجاب جو ترقياتي بجيٽ 23 سيڪڙو، ڪي پي جو 25 سيڪڙو آهي، بلوچستان م پيپلزپارٽي جو ترقياتي بجيٽ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ