بلاول، عرفان صديقي، عمر ايوب ۽ شبلي فراز: حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران ججز مقرري ڪميشن لاءِ نالا تجويز
آڪٽوبر 31, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪمران اتحاد ۽ اپوزيشن جوڊيشل ڪميشن لاءِ ميمبرز نامزد ڪري ڇڏيا، حڪمران اتحاد پاران بلاول، عرفان صديقي، اپوزيشن طرفان عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي نامزد ڪيو ويو، 26هين آئيني ترميم تحت ججز مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، حڪومت ۽ اپوزيشن اتحاد ڪميشن لاءِ 2-2 نالا تجويز ڪيا، پي ٽي آءِ جي باني جوڊيشل ڪميشن لاءِ ٻن نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي. تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جوڊيشل ڪميشن لاءِ عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نالن جي منظوري ڏني. جوڊيشل ڪميشن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ عمر ايوب، جڏهن ته سينيٽ مان تحريڪ انصاف جي نمائندگي شبلي فراز ڪندو. پي ٽي آءِ ٻئي نالا اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ کي موڪليندي، 13 رڪني جوڊيشل ڪميشن ۾ ٻه حڪومتي ۽ ٻه اپوزيشن ميمبر شامل هوندا. عمر ايوب تصديق ڪندي چيو ته مونکي اطلاع ڏنو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن لاءِ منهنجو نالو باني پي ٽي آءِ ڏنو، قومي اسيمبلي مان منهنجو ۽ سينيٽ مان شبلي فراز جو نالو ڏنو ويو آهي، بئرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا اسان کي فيصلي کان آگاهه ڪيو، جوڊيشل ڪميشن لاءِ حتمي نالن لاءِ باني پي ٽي آءِ سان اڊيالا جيل ۾ مشاورت ٿي، هوڏانهن حڪمران اتحاد به جوڊيشل ڪميشن لاءِ ٻه ميمبرز نامزد ڪيا آهن، حڪومت پاران ڪميشن ۾ قومي اسيمبلي مان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽ مان ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي حڪمران اتحاد جي نمائندگي ڪندا، اسپيڪر قومي اسيمبلي جوڊيشل ڪميشن لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کان 2-2 نالا گهريا هئا.26هين آئيني ترميم تحت سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪميشن ڪندي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ آئيني بينچ جو سينيئر ترين جج به شامل هوندو. ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر ججز شامل هوندا. قانون وارو وفاقي وزير، اٽارني جنرل به ڪميشن جا ميمبر هوندا. پاڪستان بار ڪائونسل پاران نامزد ڪيل وڪيل گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو تجربو رکندڙ ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر هوندو. قومي اسيمبلي جا ٻه ۽ سينيٽ جا ٻه ميمبر ڪميشن جو حصو هوندا. سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي اهليت رکندڙ عورت يا غير مسلم کي به ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر بڻايو ويندو. جڊيشل ڪميشن آئيني بينچز ۽ ججز جي تعداد جو تعين ڪندي. آئيني بينچ جو سڀ کان سينئر جج آئيني بينچ جو سربراهه هوندو، جوڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سالياني ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي.