بلاول جو سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي نانءُ پيغام

نومبر 1, 2023

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي نانءُ پيغام جاري ڪندي کين واڌايون پيش ڪيون آهن

بلاول ڀٽو زرداري بار جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت ۽ سيڪريٽري علي عمران سيد سميت سمورن عهديدارن کي واڌايون ڏنيون

بلاول چيو ته اميد آهي ته سمورا چونڊيل عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا

بلاول چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي هر سال مقرر وقت تي اليڪشن ٿيڻ جمهوري قدرن جي پاسداري ۽ مضبوط ادارتي نظام جو دليل آهي

Leave A Comment