| بلاول جو معيشت بابت بيان ڏوهه جو اعتراف آهي يا پشيماني: پي ٽي آءِ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي تبصرو ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته ان کي ڏوهه جو اعتراف چئون يا پشيماني؟ هنن کي شرم نه ٿو اچي. جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 2022ع ۾ شوڪت ترين کي جنرل باجوه ڏانهن موڪليو ۽ پيغام ڏنو ته حڪومت نه بدلايو، ملڪ تي چور نه مسلط ڪريو ڇو ته جيڪڏهن هتي عدم استحڪام هوندو ته معيشت ان کي سنڀالي نه سگهندي. ملڪ جي ادارن کي مفلوج ڪري معيشت کي ٻوڙيو پيو وڃي. تازي آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ 5300 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي هجي، منفي واڌ ويجهه هجي، بند ڪارخانا هجن، واپاري خسارو وڌي رهيو هجي، مهانگائي جي شرح هجي، بيروزگاري هجي، امن امان جي خرابي هجي يا تاريخ جي بدترين برين ڊرين هجي، سڀئي معاشي اشارا ڀت تي لکيل آهن. ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ڊي ايم جي نالي تي هنن ڪٺ پتلين سنڌ هائوس ۾ ضمير وڪڻڻ لاءِ مارڪيٽ لڳائي ۽ “پراڻي پاڪستان ۾ ڀليڪار” جا نعرا هنيا. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي کان شرم ۽ حيا جي اميد رکڻ بيوقوفي آهي. سوال عوام جو آهي. انهن ماڻهن جو ڪهڙو قصور آهي جيڪي ساڍا 3 سالن کان مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن؟