اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊن ۾ اهليت چئلينج ڪئي وئي
شاهه محمد زمان نالي شهري بلاول ڀٽو زرداري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندي چيو آهي ته بلاول پ پ جو چيئرمين آهي، جنهن جو چونڊ نشان تلوار آهي
درخواست جي متن موجب بلاول ڀٽو زرداري چونڊن ۾ پ پ پارليامينٽيريز جي ٽڪيٽ ۽ تير جي نشان تي حصو وٺي رهيو آهي، اليڪشن ايڪٽ تحت ڪو شخص هڪ ئي وقت ٻن جماعتن جو ميمبر نٿو رهي سگهي سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون جو درست جائزو نه ورتو
شهري اپيل ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي بلاول کي تير جي نشان تي چونڊ وڙهڻ کان روڪيو وڃي