| بلاول جي فضل الرحمان سان ملاقات: جي يو آءِ کي بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي آڇ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي ملڪي سياسي صورتحال ۽ آزاد ڪشمير جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف پڻ بلاول ڀٽو سان گڏ موجود هو، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي وفد ۾ انجنيئر ضياءُ الرحمان ۽ مولانا اسجد محمود شامل هئا. مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن لاءِ باضابطه چونڊ اتحاد قائم ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي اتحاد ٻنهي جماعتن جي سياسي لاڳاپن ۾ هڪ نئين شروعات آهي منهجي خواهش آهي ته ڪشمير جا مسئلا پرامن ۽ جمهوري طريقي سان حل ٿين. ڪشمير جي عوام جا جائز مسئلا پارليامينٽ ۽ چونڊن جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجن ۽ روڊن تي ڇڪتاڻ بدران جمهوري جدوجهد کي ترجيح ڏني وڃي. هن مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيندي چيو ته کيس هميشه سندن تجربي مان سکڻ جو موقعو مليو آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ سندن مثبت ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويهي به مولانا ملڪ جي مفاد لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته حڪومت ۽ حڪومتي بينچن تي ويٺل ڌريون به ساڻن ڳالهين لاءِ تيار آهن. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته اهي چونڊون پرامن، شفاف ۽ تڪرار کان پاڪ ٿين، جيئن ڪشمير جي عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن. لانگ مارچ، هڙتالن ۽ احتجاجن بدران مسئلن کي جمهوري انداز ۾ اجاگر ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اهو ڏينهن ڏسڻ چاهي ٿو جڏهن پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) بلوچستان، سنڌ ۽ آزاد ڪشمير ۾ گڏجي حڪومتون ٺاهين. هن مولانا فضل الرحمان کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي جماعت سان صلاح مشورو ڪري، جيئن جتي به اتحاد جو امڪان هجي، اتي ٻئي جماعتون گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيدا ٿيل بحران جي حل لاءِ وفاقي حڪومت، آزاد ڪشمير حڪومت ۽ سڀني سياسي جماعتن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. احتجاج ڪندڙن کي مخاطب ڪندي هن اپيل ڪئي ته هو پرامن رهن، جڏهن ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن جي همت افزائي نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مسئلن جو حل روڊن تي نه پر پارليامينٽ ۽ چونڊ عمل ۾ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال تي کيس ڳڻتي آهي ۽ سياسي مسئلن جو حل صرف سياسي طريقي سان ئي ممڪن آهي. آزاد ڪشمير ۾ رياستي رٽ قائم رکڻ پيپلز پارٽي جي ذميواري آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت تي به لازم آهي ته سياسي انداز ۾ مسئلن جو حل ڳولي ماضي ۾ عوامي تحريڪ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سميت مختلف ڌرين سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، تنهن ڪري هتي به ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن به سياسي مسئلي جو حل سياسي هوندو آهي ۽ آزاد ڪشمير جي مسئلي کي به اهڙي ئي انداز ۾ حل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته معاهدي جا گهڻا نڪتا لاڳو ڪيا ويا آهن، پر ٻه اهم نڪتا اڃا رهيل آهن، جن تي پيپلز پارٽي اڪيلي عمل نٿي ڪرائي سگهي، ان لاءِ آزاد ڪشمير جي سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي. ڪشمير جي مقصد کي ڪنهن به صورت نقصان پهچڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم جلد ئي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو، جيئن رهيل معاملن تي اڳڀرائي ٿي سگهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ هو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بابت پنهنجي جماعت سان مشاورت ڪندو. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن جي خاتمي بابت ايڪشن ڪميٽي دليلن سان ڳالهه ڪري، ان معاملي تي وڌيڪ بحث ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته بندوق ۽ لٺ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهن، مسئلا رڳو ڳالهين ۽ دليلن سان حل ڪري سگهجن ٿا.