لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ اڄ به بجلي بحال ٿيڻ جي اميد ختم ٿيڻ لڳي، چار ڏينهن گذرڻ باوجود هاءِ ٽرانسميشن لائين تي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ بجلي جو بحران برقرار آهي
پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو اهڙي تصديق ڪندي چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهه ۾ آهي پر اهو هتي پيدا ٿيل بجلي بحران واري صورتحال مان واقف آهي
هن چيو ته طوفان جي ڪري لوڊرا جي ٽرانسميشن لائين کي نقصان سبب بجلي بند ٿي آهي، آئون سيپڪو چيف سان مسلسل رابطي آهيان جيڪي دير ٿيڻ جو ذميوار اين ٽي ڊي سي وارن کي قرار ڏين ٿا
جميل سومرو چيو ته سيپڪو وارن ڪالھه تائين بجلي جي مڪمل بحالي جي خاطري ڪرائي پر نٿو لڳي ته اڄ به بجلي بحال ٿيندي، مان سندن واعدي مان مطمئن ناهيان، ذميوارن جو تعين ڪري ايڪشن کنيو وڃي
جميل سومرو چيو ته برف بليڪ تي وڪرو ڪندڙن کي خدا جي مار پوي، انتظاميا کي برف جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ چيو آهي
بجلي جي بندش ۽ پاڻي کوٽ خلاف لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فيڊريشن جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، آفتاب سنڌي، آڪاش ديدڙ، سليمان مڱڻ ۽ ٻين چيو ته اسان کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هي پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو تڪ آهي جتي گذريل 5 ڏينهن کان بجلي بند آهي، عيد جي ڏهاڙن ۾ ماڻهن تفريح ڪندا آهن پر هتي اسان وٽ بجلي بند هجڻ ڪري پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپايو پيو وڃي