بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات، سفارتي وفد جي دوري بابت آگاهي

جُون 25, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي آمريڪا ۽ يورپ ۾ پاڪستان پاران موڪليل سفارتي وفد جي ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو.

وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن کي تازي ڀارتي پروپيگنڊا کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ ۽ آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي ڪامياب سفارتي دوري تي خراج تحسين پيش ڪيو.

وزير اعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي حيثيت جي جامع ۽ بهترين نمائندگي تي توهان سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو

توهان قومي جذبي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو ۽ فتح حاصل ڪري واپس آيا

وفد جنهن ۾ شيري رحمان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، حنا رباني کر، سينيٽر بشرا انجم بٽ، سينيٽر فيصل سبزواري، انجنيئر خرم دستگير، جليل عباس جيلاني ۽ تهمينه جنجوعه شامل هئا.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ ۾ پاڪستان جي موقف کي قومي جذبي سان پيش ڪيو، جنهن کي نه رڳو پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو موقف تمام فصيح انداز ۾ بيان ڪيو

وزيراعظم چيو ته وفد پهلگام کان سنڌو پاڻي معاهدي تائين واقعن کي صحيح تناظر ۾ ۽ سٺي انداز ۾ پيش ڪيو.

الله تعاليٰ جي فضل، قوم جي دعائن ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي فوجي صلاحيت سان، هندستان کي پنهنجي ناجائز جنگي جنون جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي

بجيٽ 2025-26 ۾ معاشري جي سڀني طبقن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جن ۾ پگهاردار مزدور به شامل آهن

وزيراعظم چيو ته مان پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سڀني اتحادي پارٽين جو بجيٽ جي تياري ۾ تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪريان ٿو.

مون کي اميد آهي ته توهان سڀني جي رهنمائي، مدد ۽ تجويزن سان، اسان اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن ۾ فتح حاصل ڪنداسين.

 ان موقعي تي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، قانون وارو وزير، اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وزير احد خان چيما، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ الله، خاص مددگار طلحه برڪي ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ رات جي ماني ۾ موجود هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب