بلاول سمجهي ٿو ته نتيجا طئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ گهر ويهي رهي: نواز ليگ

نومبر 21, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) نواز ليگ چيو آهي ته بلاول کي سندس زبان ۽ انداز سان جواب ڏيڻ نٿا چاهيون، نون ليگ پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن مان به ڪاميابي ماڻيندي

 نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مير صادق ۽ مير جعفر جا لقب ڏنا ويا، پاڪستان کي ترقيءَ جي پٽڙيءَ تان لاٿو ويو، نواز شريف اڳ به ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو هو ۽ هاڻي به ڪڍي ڏيکاريندو

 نون ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي به بلاول جي خطاب تي ردعمل ۾ چيو ته بلاول سمجهي ٿو ته اليڪشن جا نتيجا طئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ گهر وڃي ويهي رهي

سندس چوڻ هو ته بلاول آڏو سندس خراب ڪارڪردگي وات ڦاڙي بيٺل آهي، 15 سالن کان پيپلزپارٽي جي جهولي ڪارڪردگي کان خالي رهي آهي

Leave A Comment