لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول صاحب! توهان کي نواز شريف جي انتقامي سياست نظر اچي رهي آهي، پوءِ توهان شهباز شريف جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير جو حلف ڇو کنيو؟
اڊيالا جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي بلاول جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي تنقيد جي رد عمل ۾ شاهه محمود پ پ چيئرمين کان سوال ڪيو؟ ته پاڻ کي ڀٽو جو وارث سڏيندڙ بلاول پي ڊي ايم ٺاهي ضيا جي وارثن سان اتحاد ڇو ڪيو؟
صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران جاويد هاشمي جا ٿورا مڃيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز ليگ جي پليٽ فارم تان پي ٽي آءِ باني جي حمايت ۾ سندس بيان وڏي ڳالهه آهي
سائفر ڪيس بابت شاهه محمود قريشي چيو ته سائفر رڳو پرڏيهي سيڪريٽري جي ڏسڻ لاءِ هو، قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سياسي مداخلت ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو هو