بلاول لاڙڪاڻي جي نارووال سان ڀيٽ ڪري، سٺو نڪتو سياست ڇڏي ڏيندس: احسن جو چيلنج

جنوري 22, 2024

لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال پ پ چيئرمين بلاول کي جواب ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي اها ليول ناهي ته انڊر ٽريننگ سان مڪالمو يا مناظرو ڪري، بلاول پنهنجي ٻولي نه سڌاري ته اسان جواب ڄڻ ڄاڻون ٿا، بلاول انڊر 19 جو رانديگر آهي، سندس والد چوي ٿو ته بلاول جي اڃا تربيت ڪري رهيو آهيان، کيس اڃا پريڪٽس ڪرائي رهيو آهي، بلاول کي وارننگ ڏيان ٿو ته اسان جي قائد جو نالو احترام سان وٺي. احسن اقبال چيو ته بلاول لاڙڪاڻي جي منهنجي نارروال سان ڀيٽ ڪري، نارروال سٺو نڪتو ته اوهان سياست ڇڏي ڏيو جيڪڏهن نارروال لاڙڪاڻي کان بهتر ثابت ٿيو ته آئون سياست ڇڏي ڏيندس، هن چيو ته بلاول کي چيلنج ڪريان ٿو ته مون سان مناظرو ڪري کيس خبر پئجي ويندي ته اوهان ڪراچي جو ڪهڙو حال ڪيو آهي ۽ هاڻي لاهور کي اجاڙڻ اچو پيا، توهان سنڌ جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي هاڻ پنجاب اجاڙڻ اچي رهيا آهيو، پنجاب ماڻهو باخبر آهن توهان کي پنجاب ۾ ڪو به ووٽ نه ملندو.

Leave A Comment