بلاول نبيل گبول سان هٿ نه ملايو، گارڊ ذريعي پري ڪيو: وائرل وڊيو تي سعيد غني جي وضاحت

جُون 20, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول پاران نبيل گبول سان مبينا طور هٿ نه ملائڻ واري وڊيو بابت صوبائي وزير سعيد غني جي وضاحت سامهون اچي وئي

سعيد غني جو چوڻ آهي ته وائرل ٿيل وڊيو اڻپوري آهي، سڀ ڪجهه منهنجي آڏو ٿيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نبيل گبول کي ڪجهه دير لاءِ ٻڌو، سلمان مراد جي اچڻ تي بلاول نبيل گبول کي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ چيو ته سموريون ڳالهيون هتي ڪندين ڇا

وڊيو ٽويٽ ڪندڙ ڪجهه سينيئر صحافين جو چوڻ آهي ته بلاول سيڪيورٽي جي هڪ همراهه کي اشارو ڪري نبيل گبول کي پري هٽائڻ لاءِ چيو

گذريل رات نبيل گبول جي پٽ نادر گبول به هڪ وڊيو ٽويٽ ڪندي چيو هو ته پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول پنهنجن ڪارڪنن سان پيار ۽ گرمجوشي سان ملندو آهي

Leave A Comment