بلاول نواز شريف کي هارائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي: ن ليگ کي ڪير هارائي نٿو سگهي: مريم نواز
جنوري 22, 2024
لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي هارائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان ساٿ گهري ورتو، مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي ڪير هارائي نٿو سگهي، پاڪستان جو مستقبل نواز شريف سان جڙيل آهي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جو لاهور ۾ پاور شو ٿيو، پ پ چيئرمين نواز ليگ کي هوم گرائونڊ ۾ للڪاريو، نواز شريف کي هارائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل به ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هنن کي ڪير سمجهائي ته لاهور سندن نه، پر منهنجو آهي، اهي اسان کي طنز ڪندي چوندا آهن ته چونڊون وڙهڻ لاهور ڇو آيا آهيو، لاهور شهر شهيد بينظير ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو هو، پنجاب تي ڪڏهن شوباز کي مڙهيو ويندو آهي ته ڪڏهن وسيم اڪرم پلس، ڇا لاهور جي قسمت ۾ اهو لکيل آهي ته ساڳيا چهرا بار بار مڙهيا وڃن، پاڪستان کي پُراڻن سياستدانن حوالي نٿا ڪري سگهون، چونڊن جي ميدان ۾ اسان ئي آهيون، ڪو ٻيو نظر نٿو اچي، عوام مون کي موقعو ڏئي، آمدني ٻيڻي ڪندس، 30 لک گهر ٺاهي ڏيندس ۽ 300 يونٽ بجلي مفت ڏيندس، بلاول چيو ته نواز ليگ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان انتقام وٺي رهي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪن منهنجو ساٿ ڏين، انتقامي سياست کي دفن ڪري ڇڏينداسين، مان ۽ منهنجو خاندان نواز ليگ جي ظلم مان گذريو آهي، نٿا چاهيون ته ڪو ٻيو سياسي ورڪر ان ظلم مان گذري، باني پي ٽي آءِ کي به چوندا هئاسين ته مخالفن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي قيد ڪرڻ سياست ناهي، بلاول چيو ته ن ليگ جا ڪارڪن ووٽ کي عزت ڏيو تي قربانيون ڏيندا رهيا پر قيادت پنهنجو اهو نظريو ڇڏي چڪي آهي، هي پنهنجو نظريو ڇڏي سگهن ٿا پر اسان نه، هن چيو ته انتقام، گارين، فتوائن جي سياست تي يقين نٿا رکون، سياسي اختلاف کي ذاتي دشمن ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ تڪ تي جلسي ۾ آصفه ڀٽو به ڀاءُ سان گڏ شريڪ هئي، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن به جلسي ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نواز شريف سان جڙيل آهي، نواز شريف کي ڪڍي ڇڏيو ته ملڪ ۾ کنڊرن کانسواءِ ڪجهه به ناهي، پوري لاهور جي هر هنڌ نواز شريف جي خدمت جا نشان آهن، اورنج لائن، ميٽرو، اوور هيڊ برج، انڊر پاس موجود آهي، ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سرويز ۾ به ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، 2018ع کان 22ع تائين زوري آيلن لاهور تباهه ڪيو، جتي پهريان روڊن جي صفائي ٿيندي هئي هاڻ تي گند کڻڻ وارو به ناهي، پنجاب جو جيڪو حال ٿيو آهي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ 4سال لڳندا. مريم نواز چيو ته ڪارڪن گهرن ۾ نه ويهن، اوهان جي هوندي هن پارٽي کي ڪير هارائي نٿو سگهي، جنهن جماعت وٽ ايترا ڪارڪن هجن ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي ميدان ۾ به نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته 2018 کان 2022ع تائين نااهلي جو اثر سڄي پاڪستان ڀوڳيو، مخالفن کي روئارڻ جي خواهش رکندڙن پاران پيدا ڪيل مسئلن سبب سڄو ملڪ روئي رهيو آهي، پاڪستان، پنجاب ۽ لاهور جي هر گهٽي ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خدمت جا نشان آهن.