بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، پٽِڪي ۽ الزام بازي سان ڪجهه نه ٿيندو: شهباز شريف

نومبر 15, 2023

نون ليگ جي صدر شهباز شريف بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم خان رئيساڻي ۽ حاجي لشڪري رئيساڻي سان ملاقات ڪري نون ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

 ملاقات دوران ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، بلوچستان پاڪستان جي ترقيءَ جو بنياد آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اتفاق، اتحاد ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، پٽِڪي ۽ الزام بازي سان ڪجهه نه ٿيندو، الزامن بدران پختي سياست طرف وڌڻ گهرجي

 ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي لشڪري رئيساڻي چيو ته شهباز شريف جي پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ دعوت ڏيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، نون ليگ ۾ شموليت بابت مشاورت ڪري تمام جلد فيصلي جو اعلان ڪنداسين

 گذريل ڏينهن نواز شريف سان ملاقات دوران بلوچستان جي 30 کان وڌيڪ سياسي شخصيتن پاران نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو هو

Leave A Comment