بلاول ڀٽو پ سفارتي تاريخ جو نئون باب لکيو آهي: شيري رحمان
جُون 20, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نائب صدر پ پ سينيٽر شيري رحمان سينئر چيو آهي ته پاڪستان جي سفارتي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته نئين پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ بااثر آواز بلاول ڀٽو جو وطن واپسي تي تاريخي استقبال قوم جي اميدن جي عڪاسي آهي. بلاول ڀٽو مغربي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ پرامن چهرو اجاگر ڪيو، بلاول ڀٽو جي ويزن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ نئين رخ ڏنو ۽ اعتماد کي مضبوط ڪيو، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن پاڪستان جي تصوير کي بهتر بڻايو آهي. شيري رحمان جو چوڻ آهي ته 14 ڏينهن جي دوري دوران 68 کان وڌيڪ اهم ميٽنگون ٿيون ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرڻ بلاول جي قيادت جو ثبوت آهي.
شيري رحمان وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل شيري رحمان جي ملاقات ۾ نئين تاريخ قائم ٿي. آمريڪا سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جو هي هڪ نادر موقعو آهي ڪو شڪ ناهي ته چين پاڪستان جو ويجهو ترين اسٽريٽجڪ اتحاد آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، اسان واپار ۽ ترقي تي يقين رکون ٿا، ايران اسرائيل جنگ ۾ سڀني مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻو پوندو هر ڪنهن کي ان کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.