بلاول چاهي ٿو جن صوبن تي اتفاق آهي اهي ٺاهيا وڃن: گيلاني

بلاول چاهي ٿو جن صوبن تي اتفاق آهي اهي ٺاهيا وڃن: گيلاني

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ننڍن صوبن جو قيام ضروري آهي ۽ هاڻوڪو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي پر ان معاملي تي پنهنجي ذاتي راءِ نٿو ڏئي سگهان رڳو پارٽي جو موقف ئي پيش ڪندس. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري جو موقف آهي ته جن نون صوبن بابت اتفاقِ راءِ موجود آهي جيڪڏهن اهي صوبا ٺاهيا وڃن ته پارٽي کي ڪو اعتراض نه هوندو، جڏهن ته جتي اختلاف آهن، اتي ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ گهرجي. يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته ان وقت ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ان لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد به منظور ڪرائي وئي هئي پر ان وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) ان جي مخالفت ڪندي اهو عمل روڪي ڇڏيو هو.