ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سان هڪ لک ملازمتون پيدا ٿينديون: بلاول

جُولاءِ 15, 2023

ڌاٻيجي(ن پ و) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سان هڪ لک ملازمتون پيدا ٿينديون

پ پ چيئرمين ڌاٻيجي ۾ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي

بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي قيام سان 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ هڪ لک ملازمتون پيدا ٿينديون

سندس چوڻ هو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي منصوبي سان پاڪستان جي وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريقا جي منڊين تائين پهچ به يقيني بڻجي ويندي

 پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هن منصوبي جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، ماضيءَ جي حڪمرانن تبديلي جي نالي تي رڳو تباهي ڏني

وڏي وزير مراد شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي قيام سان 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ هڪ لک ملازمتون پيدا ٿينديون

سندس چوڻ هو ته ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي منصوبي سان قومي شاهراهه تائين رسائي ۽ وچ ايشيائي ملڪن تائين سامان جي اچ وڃ ممڪن ٿي ويندي

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي ايئرپورٽ تائين آسان رسائي ۽ پرڏيهي تاجرن جو محفوظ سفر يقيني بڻائيندي، ان موقعي تي  قاسم نويد ۽ ٻين به خطاب ڪيو

Leave A Comment