بلاول کي طعنن واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي: احسن اقبال

نومبر 14, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسان کي طعنن جي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سٺو ٿئي ها جو بلاول ٿر منصوبي لاءِ نواز شريف جي سهڪار جو به ذڪر ڪري ها

بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 16 مهينن جي حڪومت ۾ پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي جو دفاع فخر سان ڪري سگهان ٿو

هن چيو ته 16 مهينن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مفلوج ڪيل ترقياتي منصوبن کي ٻيهر شروع ڪيو، سنڌ لاءِ ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني ۽ فنڊنگ ڪئي وئي

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ٿر ڪول منصوبي جو ڪريڊٽ کنيو، اها رٿا ڪاغذن ۾ ڦِري رهي هئي، پيپلز پارٽي جي ٽن حڪومتن ۾ انهن تي ڪوبه ذڪر جوڳو عمل نه ٿيو

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ نواز شريف جي هدايت تي ٿر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ته خواب کي ساڀيان ملي

Leave A Comment