ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) لياري مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين شڪور شاد پنهنجي ساٿين سان گڏجي لياري الائينس جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 2024 جي اليڪشن ۾ لياري مان لياري الائينس جي نالي اليڪشن مھم ھلائي ويندي
هن چيو ته لياري جي حالتن ۽ ملڪي حالتن کي ڏسي اسان مختلف دوستن گڏجي آزاد اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جي الائينس ۾ لياري سان محبت ڪندڙن کي گڏ ڪيو ويندو
ھن چيو ته 2018 جي اليڪشن ۾ علاما بلاول قادري منهنجي سامھون 42 ھزار ووٽ کنيا هئاکيس اتحاد ۾ شامل ڪيو آهي جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن ۾ رضي حسيني اھم ڪردار ادا ڪيو هو ان کي به شامل ڪيو ويو آهي
شڪور شاد اعلان ڪيو ته ايندڙ چونڊن ۾ آئون قومي اسمبلي تي اميدوار هوندس جڏهن ته پي ايس 106 تي رضي حسيني ۽ 107 تي بلاول قادري اميدوار ھوندا
ھن چيو ته ايم اين اي ھجڻ دوران 55 ڪروڙ روپيا چئن قسطن ۾ مونکي مليا پر اربين روپين جا فنڊز جاري ڪرائيندڙن کان وڌيڪ ڪم ڪيو
ھن چيو ته الائينس پاران فلسطين جي جھنڊي کي اليڪشن مھم جو حصو بڻايو ويندو