ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي بلاڪ بسٽر فلم ‘آر آر آر’ جو سپر اسٽار رام چرن پنهنجي نئين فلم ‘پيدي’ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال مان طبي امداد ڏياري فارغ ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب رام چرن جي ايندڙ فلم ‘پيدي’ 30 اپريل تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. اسپورٽس ايڪشن ڊراما فلم جي هدايتڪاري بوچي بابو ثنا ڏني آهي رپورٽن موجب، رام چرن کي هڪ ايڪشن سين جي شوٽنگ دوران سندس اک جي ويجهو زخم آيو. کيس چار ٽانڪا لڳا، سندس اک مڪمل طور تي محفوظ آهي فلم جي ڪاسٽ ۾ رام چرن، جهانوي ڪپور، شوراج ڪمار، ڊوائن شرما، جگپتي بابو ۽ بومن ايراني شامل آهن. فلم جو گانو ‘راءِ راءِ را’ پڻ تازو رليز ڪيو ويو آهي،