تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

بلاڪ جو آپشن! … اعجاز احمد ڀيو

اَڄ ڪلھه ٿوري گهڻي ڳالھه تي بلاڪ ڪَرڻ جو رواج سوشل ميڊيا جي استعمال جيان تمام گھڻو عام ٿي ويو آھي. پنهنجي باريءَ ۾ غلط ڪمينٽ ٻِڌي ماڻھو بلاڪ جي بٽڻ کي دٻائي ٿا ڇڏين. اِھو محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪَن ته هنن جي باريءَ ۾ ناڪاري ڪمينٽ پاسِ ڪندڙ اُھي ڪمينٽ ڇو ۽ ڪهڙي پسمنظر ۾ پاس ڪيا؟ جتي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻَ گهرجن اُتي معاملا بلاڪنگ جي ذريعي حل ٿي رهيا آھن سوشل ميڊيا نه صرف پنهنجي ”بلاڪ“ واري آپشن ذريعي برداشت ختم ڪري ڇڏي آھي پر هُن وڌيڪ مسئلن ۽ غلط فهمين کي پڻَ جنم ڏنو آھي. اسان وٽ سوشل ميڊيا جي استعمال کان پهريان ٻن شخصن جي وچ ۾ ناراضگيءَ جو اِظھار ”ڪٽيءَ“ ذريعي ڪيو ويندو هو ۽ جڏھن معاملا نبيرجي ويندا ھئا ته ٻِئي شخص پاڻَ ۾ ڀاڪر پائي ” ٻِڌي“ ڪري ڇڏيندا هئا پر هاڻي بلاڪ واري آپشن ته ٻِڌيءِ جو آپشن ئي ڄڻ ميساري ڇڏيو آھي ڇو ته اگر ڪو شخص اسان جي طرفان پنهنجي باريءَ ۾ ڪجھ غلط ڏسي ٿو يا ٻُڌي ٿو ته بلاڪ وارو آپشن استعمال ڪري ٿو ۽ اسان ئي پڻ ڏيکاءُ ۽ اَنا خاطر بلاڪ ڪري ڇڏيون ٿا.
مان نوجوانن کي اِھو پيغام ڏيندس ته جيڪڏھن ڪو اَوهان جو دوست اوهان جي خلاف گهٽ وَڌ ڳالهائي ٿو ته ھُن سان روبرو مِلو يا وري ڪال ذريعي معامليءَ بابت انويسٽيگيٽ ڪيو ته معاملو ڇا آھي ؟اَوهان منهنجي باريءَ ۾ اِھي الفاظَ ڇو استعمال ڪيا؟ پر جيڪڏهن ڪو شخص يا توهانجو دوست توهانکي اڳ ئي بلاڪ واري آپشن جو حَق استعمال ڪندي بلاڪ به ڪري ٿو پوءِ اَوهان هُن کي بلاڪ نه ڪريو ڇو ته پوءِ اَوهان ۽ ھُن فرق ڪو نه رهندو ۽ اجايون نفرتون خوش ٿينديون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *