| بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري: جوابدار بري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ 264 ماڻهن جي فوتگي بابت ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪندي موت جي سزا هيٺ آيل ٻن جوابدارن زبير چريا ۽ رحمان ڀولا کي بري ڪري ڇڏيو آهي۔عدالتِ عظميٰ قرار ڏنو ته استغاثه الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته اڍائي سالن کان پوءِ سامهون ايندڙ نئين ڪهاڻي قابلِ اعتماد نه آهي۔ سپريم ڪورٽ موجب دير سان سامهون ايندڙ بيانن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي۔فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالتي اعترافِ جرم آزاد ۽ مضبوط ثبوتن سان ثابت نه ٿي سگهيو، جڏهن ته فرانزڪ ثبوتن مان ڪيميائي مادو استعمال ٿيڻ جو دعويٰ به ثابت نه ٿي سگهيو۔سپريم ڪورٽ چيو ته 34 زخمي شاهدن مان ڪنهن به ملزمن خلاف بيان نه ڏنو، جڏهن ته سي سي ٽي وي فوٽيج پيش نه ڪرڻ سان استغاثه جو ڪيس وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو۔ عدالت موجب محض اندازن ۽ عام الزامن جي بنياد تي سزا برقرار نٿي رکي سگهجي۔عدالت قرار ڏنو ته “شڪ جو فائدو ملزم جو قانوني حق آهي”۔سپريم ڪورٽ محمد زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا کي بري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ انسدادِ دهشتگردي عدالت جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏياعدالتي فيصلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان بابت ڏنل ريمارڪس به حذف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔39 صفحن تي مشتمل فيصلو جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لکيو، جڏهن ته جسٽس عاقل احمد عباسي ۽ جسٽس شڪيل احمد فيصلي سان اتفاق ڪيو.