Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1p7n4vjdj6emmanajidei1bc3o, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بلغم ڇا آهي؟ ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بلغم ڇا آهي؟ ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

بلغم ڇا آهي؟ … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

بلغم (phlegm) سڏجي ٿو ان لعاب (mucus) کي جيڪو ساهه سرشتو پيدا ڪري ٿو، خاص طور تي جڏهن گھڻي مقدار ۾ پيدا ٿئي ته کنگهي خارج ڪجي ٿو جنهن ۾ بيماريون پيدا ڪندڙ جيوڙا جهڙوڪ وائرس ۽ بئڪٽيريا ۽ روڳن سان منهن ڏيندڙ رت جا سفيد سيل ٿين ٿا. بلغم خطرناڪ نه ٿو ٿئي پر جڏهن گھڻي مقدار ۾ موجود هجي ته ساه سرشتي جي لنگهن کي ٻنجي ڇڏي ٿو، عام طور تي کنگهڻ رستي خارج ٿئي ٿو ته ان سان گڏ نڪ بند ٿي وڃي ٿو يا وهندو رهي ٿو ۽ نڙيءَ جي سوزش ڪري وجهي ٿو. جسم روزانو ججهو اٽڪل 1 کان 1.5 لٽر لعاب پيدا ڪندو رهي ٿو، جنهن ڏانهن اسان تيسيتائين ڌيان ناهيون ڏيندا جيسيتائين ان جو مقدار وڌي نه وڃي يا معيار ۾ فرق نه ٿو اچي، اهڙيون حالتون مختلف بيمارين ۽ روڳن سبب پيدا ٿين ٿيون. ڇا توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته سنگهه/گوبو  (snot) ۽ بلغم (phlegm) ڇا آهن ۽ اهي ڪيئن پيدا ٿين ٿا؟
بلغم ڇا آهي؟
بلغم گھڻي ڀاڱي پاڻي يا ان جو ٺهيل هجي ٿو جنهن سبب پاڻيٺي بناوت ۽ حالت وارو ٿئي ٿو. پاڻيءَ کانسواءِ منجهس پروٽينون ۽ لوڻ به ٿين ٿا. کنڊ واريون پروٽينون (يا گلائيڪوپروٽينون) خاص طور تي ميوسن (mucin) هجڻ سبب منجهس لڳلڳدار بناوت ٿئي ٿي. جسم ۾ روڳن کان بچاءُ ڪندڙ مردار سفيد سيلن سميت ٻيو گند ڪچرو به ناسن جي بلغم ۾ ڦاسندو رهي ٿو. جڏهن ته گينگا (boogers) سڪل بلغم ٿئي ٿو جنهن ۾ مٽي، ڊسڙ، وڻن جو تخم وغيره شامل ٿين ٿا.
بلغم ڪيئن پيدا ٿئي ٿو؟
انساني جسم بلغم پيدا ڪندڙ هڪ مشين آهي. جسم جي خالن ۽ لنگهن ۾ موجود سنهي لعابي استر (mucosa/mucous membrane) ۾ مخصوص قسم جا سيل ۽ غدود جسم کان ٻاهر لاڳيتو ترڪڻو لعاب يا مواد خارج ڪندا رهن ٿا. جن مان ڪن جي ممڪن آهي ته توهان ڄاڻ رکندڙ هجو جهڙوڪ نڪ، وات، نڙگھٽ ۽ ڦڦڙن ۾ موجود لعاب پيدا ڪندڙ ماس موجود ٿئي ٿو. ته اکين، ڪنن، کاڄ نليءَ، جنمي ۽ پيشاب سرشتي ۾ به موجود ٿئي ٿو.
لعاب ڇو ٿو پيدا ٿئي؟
ساهه سرشتي مان هڪ سنهي تهه جيان پيدا ٿي نڪ جي اندرين ۽ ڦڦڙن جي حساس حصن جو بچاءُ ڪري ٿو بقول، نيويارڪ سٽيءَ جي هڪ صحت مرڪز ۾ ڪم ڪندڙ تانيا ايليئٽ، چيف ميڊيڪل آفيسر جي. جنهن سبب ناسن ۽ ڦڦڙن جا لنگهه بهتر طريقي سان تَر رهن ٿا۽ اسان انهن کي خشڪ ٿيڻ نٿا ڏيون.جڏهن به ليس زڪام پيدا ڪندڙ وائرس اسان جي ناسن ۾ داخل ٿئي ٿو ته لعاب جي پيداوار تيز ٿي وڃي ٿي، بقول ڊاڪٽر ويلچ جي ته “اهو جسم جو وائرسن ۽ بئڪٽيريا سميت دز جي ذرڙن خلاف ردعمل ٿئي ٿو ته جيئن اهي اشتعال پيدا ڪندڙ شيون اسانجي ڦڦڙن جي گهرائيءَ تائين پهچي نه سگهن. ان کانپوءِ ساه سرشتي ۾ موجود سنها وار جن کي سيليا (cilia) سڏجي ۽ ننڍڙن ٻهارن جيان ٿين ٿا اهڙي روڳيل لعاب کي گڏ ڪري ٻاهر خارج ڪري ڇڏين ٿا جنهن لاءِ کنگهون ٿا يا نڇ ڏيون ٿا.
بيماريءَ جي حالت ۾ بلغم گھاٽو ڇو ٿو ٿي وڃي؟
ورلي، لعاب جسم جي ڪنهن روڳ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گھاٽو ٿي وڃي ٿو ته پترو ٿي وهندو به رهي ٿو. جنهن جو مدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته اهو وائرس يا اشتعال پيدا ڪندڙ مادو، جسم جي لعاب پيدا ڪندڙ مادي کي ڪيئن متحرڪ ڪري ٿو، بقول مائونٽ سينائي اسڪول آف ميڊيسن، نيويارڪ سٽي جي چندرا آئوي جي. مثال طور؛ تماڪ ڇڪيندڙ ۾ گھڻو ۽ گھاٽو بلغم پيدا ٿئي ٿو ته ليس زڪام جي حالت ۾ لعاب هڪ اَڏ طور ڪم ڪري ٻين وائرسن، بئڪٽيريا يا مشتعل ڪندڙ مواد کي ناسن جي تهن ۾ داخل ٿيڻ نٿو ڏئي، بقول چندرا جي. اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪن دوائن کائڻ سان جسم جو پاڻي سڪي ۽ بلغم گھاٽو ٿي وڃي، ان ڪري بيماريءَ جي حالت ۾ وڌيڪ پاڻي پيئڻ سٺي ڳالهه ٿئي ٿي.
نڪ ڇو ٿو بند ٿي وڃي؟
ان جو ڪارڻ لعاب پيدا ڪندڙ ماس جيڪو نڪ جو استر ٿئي ٿو ان جو سُڄي ناسن جي لنگهه کي ٻنجي ڇڏڻ ٿئي ٿو پر نه ڪي لعاب کي. ورلي ته گپ جيان گھاٽو ٿي ناسن جي ڀانڊن کي اهڙو بند ڪري ڇڏي ٿو جو نڪ جو درست طريقي سان وهڻ بند ٿي وڃي ٿو، بقول اليئٽ جي جنهن جي موٽ ۾ سور ۽ دٻاءُ وڌي وڃي ٿو.  
بلغم جي رنگ ۾ ايندڙ تبديلي ڪهڙيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي؟
عام طور تي بلغم شفاف ٿئي ٿو پر جي ليس زڪام ٿي پوي ته سفيد يا پيلو به ٿي وڃي ٿو (خاص طور تي جڏهن جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هجي)، ساواڻ مائل هجي ته ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿئي ٿو ته وڏي تعداد ۾ رت جا سفيد سيل روڳ خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. “جڏهن وائرس سبب پيلو يا سائو ٿي وڃي” بقول ڊاڪٽر ويلچ جي تڏهن ڊاڪٽر کي ائنٽيبياٽڪ دوائن لاءِ چوڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته هوءِ ان ڳالهه کان محتاط ڪري ٿي ته اهڙين تمام گھڻين حالتن ۾ ليس زڪام جو ڪارڻ وائرس هجي ٿو پر نه ڪي بئڪٽيريا. تنهنڪري اهڙين حالتن ۾ ائنٽيبياٽڪ دوائون وائرسن لاءِ بي اثر ٿين ٿيون ۽ انهن جي غلط استعمال سان بئڪٽيريا جا نوان قسم زور وٺي سگهن ٿا ۽ منجهن دوائن لاءِ مزاحمت پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته عام طور تي ليس زڪام پنهنجي هفتي سوا جو مدو پورو ڪري ختم ٿي وڃي ٿو، پر جي بخار وڌي وڃي، کنگهه ٿي پوي يا ڪي ٻيون اهڙيون نشانيون پيدا ٿي پون جن سان حالت ابتر ٿي وڃي تڏهن ڊاڪٽر سان ضرور ملجي.ته ڇا ائنٽيهسٽامين (antihistamines) يا نڪ کوليندڙ دوائن (decongestants) کائڻ سان بلغم کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو؟ان قسم جون دوائون گورين، شربت ۽ نڪ جي اسپري جي صورت ۾ دوائن جي دڪان تان ملي سگهن ٿيون. جن جي استعمال سان ليس زڪام جي تڪليف گھٽجي ته سگهي ٿي پر گھڻي استعمال ڪرڻ سان پنهنجو اثر وڃائي ويهن ٿيون. ائنٽيهسٽامين استعمال ڪرڻ سان سوزش بند ٿي وڃي ٿي جنهن سبب گھٽ سوڄ رهي ٿي ۽ عملي طرح سان لعاب جي به گھٽ پيداور ٿئي ٿي. نڪ کوليندڙ دوائن کائڻ سان ساه سرشتي جي ان حصي جون رت نليون ڪوئجي وڃڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.  
ڇا گھڻي پاڻي پيئڻ سان بلغم ۾ گھٽتائي اچي ٿي؟
امڙ درست چوندي هئي. ليس زڪام ٿي پوي ته ججهيون پاڻيٺون پيئو. ڇو ته جسم جي سٺيءَ طرح سان تر رهڻ سان بلغم کي پتري ٿيڻ ۽ خارج ٿيڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي. ته گھڻيءَ کنگهه ۽ ليس زڪام جي دوائن کائڻ سان گھڻو خشڪ ٿي وڃي ٿو، ڊاڪٽر اليئٽ ٻڌائي ٿي. ان کانسواءِ جڏهن بيمار هجو ٿا ۽ ڪجهه به کائڻ تي دل نٿي ڪري ته پاڻيءَ واپرائڻ جو مقدار به گھٽجي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهانکي بخار آهي ته ان حالت ۾ به پگهرجڻ رستي پاڻي ضايع ٿئي ٿو. سندس چواڻي اهڙين حالتن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ سان ئي توهان پاڻکي بهتر محسوس ڪري سگهو ٿا.
ٻئي ڪهڙي طريقي سان واڌو بلغم گھٽائي سگهجي ٿو؟
ان لاءِ ماکي تمام سٺيءَ طرح سان بلغم کي پترو ڪري ٿي. جيڪڏهن کنگهڻ سان توهانکي بلغم اچي ٿو ته ماکيءَ ذري چاءِ جي ڪوپ ۾ ملائي پي ڏسو. اها به توهانجي بلغم کي خارج ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي. ناسن ۾ پاڻي وجهڻ سان به توهان ناسن جي لنگهن مان بلغم خارج ڪري سگهو ٿا، بقول ڊاڪٽر ويلچ جي، ان سان ناسون صاف ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن دوائن ۾ توهان ڪا بلغم خارج ڪندڙ دوا چاهيو ٿا ته ڊاڪٽر جي مدد سان ڪنهن اهڙي جي چونڊ ڪريو جنهن سان بلغم پترو ٿي سولائي سان خارج ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر اليئٽ جي صلاح آهي ته، سفيدي جا پن، گرم پاڻيءَ ۾ ملائي ان ۾ ساه کڻڻ سان يا مصالحيدار کاڌا کائڻ سان به بند ٿيل نڪ کلي پوي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *