ڪوئيٽا ( پنهنجي ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي کانپوءِ بلوچستان اسيمبلي به ٽٽي وئي، گورنر عبدالولي ڪاڪڙ اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي
وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو اڄ منجهند اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري گورنر ڏانهن اماڻي جنهن بعد عبدالولي ڪاڪڙ سمري تي صحيح ڪئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت ختم ٿيڻ بعد نگران وزيراعليٰ لاءِ چار نالن تي مشاورت جاري آهي جنهن ۾ عثمان باديني، حمل ڪلمتي، علي حسن زهري ۽ شبير مينگل شامل آهن
ذريعن موجب جمعيت علماءِ اسلام پاران عثمان باديني، بي اين پي پاران حمل ڪلمتي، پ پ پاران علي حسن زهري جا نالا ڏنا ويا آهن
اڳوڻي بيورو ڪريٽ شبير مينگل جو نالو به نگران وزيراعليٰ لاءِ سامهون آيو آهي جنهن تي پڻ مشاورت جاري آهي
نگران وزيراعليٰ جو نالو فائنل ٿيڻ بعد 14 رڪني صوبائي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ ٿيڻ جو امڪان آهي