بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گرينڊ ڊائلاگ جي دعوت: بلوچن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گرينڊ ڊائلاگ جي دعوت: بلوچن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن تي گرينڊ ڊائلاگ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سو ٿيو ان تي بندوق کڻڻ قبول ناهي، جيڪي پنهنجو رستو درست ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. بلوچستان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. مسئلن جي حل جو بهترين طريقو مشاورت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي، اسان سڀ جائز شڪايتون ختم ڪنداسين. جمعي ڏينهن بلوچستان نيشنل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ڳالهين جو مقصد رڳو حڪومت جي ڳالهه ٻڌائڻ ناهي، پر شرڪت ڪندڙن ۽ بلوچ عوام جي ڳالهه ٻڌڻ پڻ آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ مزدوري ڪندڙ ماڻهن کي يا سڃاڻپ جي بنياد تي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جائز بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي پويان گهس پئي ويندڙ عنصر، فتنة الخوارج ۽ دشمن ملڪن کان وسيلا حاصل ڪندڙ ماڻهو آهن، جيڪي بيگناهن کي شهيد ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن سان مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي عوام کي محفوظ بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏجي ڪراچي کان چمن تائين اين-25 شاهراهه تعمير ڪري رهيا آهيون. وفاق پاران 415 ارب رپين جو منصوبو ڏنو ويو آهي. هي چئني صوبن جي عوام جو پئسو آهي، جيڪو بلوچستان تي خرچ ڪري رهيا آهيون ۽ اهو بلوچستان جي عوام لاءِ آهي. هن چيو ته مسئلن جي آڙ ۾ بندوق کڻڻ قبول ناهي. ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سو ٿيو، هاڻي مسئلن کي سامهون رکي گرينڊ ڊائلاگ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان جون ڌيئرون ۽ پٽ پنهنجو رستو درست ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته انهن کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. وزير اعظم چيو ته بدقسمتي سان شاهراهه تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي شهيد ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته معرڪه حق دوران پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه قالب هئي. اڄ اسان کي ويهي کليل ۽ صاف ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ئي ذريعي رستا نڪرندا. هن چيو ته گوادر پورٽ خطي جي اهم ترين ۽ شاندار بندرگاهه آهي. گوادر پورٽ تي هڪ لک ٽن وزني مال بردار جهاز لنگر انداز ٿي سگهي ٿو. گوادر ايئرپورٽ عظيم دوست چين طرفان تحفي طور ڏنو ويو آهي. وزيراعليٰ بلوچستان جي مطالبي تي 22 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪيو ويو. 70 ارب رپين جي شمسي منصوبي ۾ 40 ارب رپيا وفاق خرچ ڪيا.ماين ايف سي ايوارڊ جي اعلان جي موقعي تي وفاق فنڊنگ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو، جڏهن ته پنجاب هر سال بلوچستان کي 11 ارب رپيا فراهم ڪيا. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان سوال ۽ جواب جي نشست دوران وزيراعظم چيو ته وفاق طرفان بلوچستان جي 9 ضلعن ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن، جن ۾ ايچي سن جي معيار جي تعليم ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جا ٻار به معياري تعليم جا حقدار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا-چمن شاهراهه لاءِ وڌيڪ 100 يا 200 ارب رپيا به فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر جيڪڏهن دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته صوبي ۾ ترقيءَ جو عمل رڪجڻ جو خدشو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي برآمدات ۾ 21 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو متوقع آهي. چانورن جي آبادگارن کي برآمدات ۾ گهٽتائي سبب 11 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، ته جيئن اهي ٻين ملڪن سان مقابلو ڪري سگهن ۽ ملڪ ۾ ڊالر اچن. رڳو هڪ شئي جي اسمگلنگ روڪڻ سان قومي خزاني ۾ 125 ارب رپيا آيا. جيڪڏهن عوامي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪيو وڃي ته ترقي ۽ خوشحاليءَ جو انقلاب اچي سگهي ٿو. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ کي ڪوئيٽا وڃي صوبي ۾ سياري دوران گئس لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعليٰ بلوچستان وزيراعظم جي هدايت تي ٻڌايو ته صوبي ۾ ٻه بهترين اسپتال دل جي بيمارين جو علاج ڪري رهيا آهن. هن سولر ٽيوب ويلن جي منصوبي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان زميندارن کي وڏو فائدو ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم واعدو ڪيو ته هو انساني وس آهر بلوچستان جي ترقي لاءِ وسيلا فراهم ڪندو، پر سيڪيورٽي جي ذميواري کڻڻي پوندي. وزيراعظم وفاقي وزير احسن اقبال کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي آهي. پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ 200 ارب رپيا ۽ پنجاب لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ پڻ بلوچستان ۾ 650 ڪلوميٽر ڊگهيون شاهراهون تعمير ڪيون ويون. هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا-گوادر شاهراهه جي تعمير دوران 43 مزدورن پنهنجيون جانيون قربان ڪيون. ان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، بلوچستان جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ معززن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي حڪومت پاران ڀليڪار ڪيو.