| بلوچستان جي رخشان ڊويزن ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي هدايت |
ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم پاران بلوچستان جي رخشان ڊويزن ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، صوبائي ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ايف سي جي مقرري سان بلوچستان ۾ معدنيات جي تحفظ لاءِ راهداري قائم ٿيندي، پاڪستان معدنيات سان مالامال آهي، بلوچستان ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي.اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ ترقي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.