پل ٺهرائي ڏيو: بلوچستان جي سنگر جو گيت نگران وزيراعظم تائين پهچي ويو
آگسٽ 25, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان جي سنگر گل مير جمالي جو ڳايل گيت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پهچي ويو
مقامي ڳائڻي گل مير جمالي پنهنجي گيت ۾ پنجره پل جو ذڪر ڪندي وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته پنجره پل ٺاهيو
اهڙو گيت ٻڌڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجو بيان جاري ڪيو
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پنجره پل ٺاهڻ لاءِ واڳيل ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن، عوام جو هي پراڻو مسئلو جلد حل ٿي ويندو
Yrr ek choti si bridge k liye hamay songs bananay parhtey ..,,
Come-On PM.Kakar we need a Pinjra Pul it has really disturbed the transportation, its been an year since it was broken by flood pic.twitter.com/NJm1DfhOjK
— Hesy Rock (@hesy_rock) August 25, 2023