بلوچستان حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪوئيٽا جلسو ڪرڻ نه ڏنو، شهر سيل

بلوچستان حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪوئيٽا جلسو ڪرڻ نه ڏنو، شهر سيل

ڪوئيٽا(م ڊ) تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان کي ڪوئيٽا ۾ جلسي جي اجازت نه ملي ۽ انتظاميا شهر جي سمورن رستن کي ٽرڪ ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب هاڪي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ جلسي جي اجازت رد ڪئي وئي. پر پي ٽي آءِ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هاڪي گرائونڊ ۾ به پاڻي ڇڏيو ويو.