بلوچستان مان اغوا ٿيل ڪنڌڪوٽ واسي اهلڪار راڄوڻي بعد بازياب

بلوچستان مان اغوا ٿيل ڪنڌڪوٽ واسي اهلڪار راڄوڻي بعد بازياب

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل بنگوار برادري جو پوليس اهلڪار نصرالله بنگوار بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو.نوجوان جي گهر واپسي تي وارثن ۽ بنگوار برادري ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي.پوليس اهلڪار نصرالله بنگوار ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان مان پنهنجي گهر واپس اچي رهيو هو ته مبينا طور بگٽي برادري جي ماڻهن کيس پئسن جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان يرغمال بڻائي ويهاري ڇڏيو هو.واقعي کانپوءِ نوجوان جي واپسي لاءِ ڪوششون جاري هيون جڏهن ته بنگوار برادري جي ماڻهن بگٽي برادري سان رابطا ڪري معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون.بنگوار برادري جي ماڻهن موجب بگٽي برادري سان هلندڙ پئسن جي ڏيتي ليتي وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرائي پوليس اهلڪار نصرالله بنگوار کي واپس گهر آندو ويو آهي.