بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ حملا، اميدوار قتل، علي مدد جتڪ محفوظ، چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو، اليڪشن ڪميشن جو اڄ اجلاس طلب

فيبروري 1, 2024

ڪوئيٽا/ پشاور( م ڊ ) بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ چونڊ وڙهندڙ اميدوار دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويا، دستي بم ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گاڏين کي به  نقصان پهتو،  پوليس موجب سرياب روڊ گاهي خان چوڪ ويجهو پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر مير علي مدد جتڪ جي چونڊ آفيس مٿان  نامعلوم موٽرسائيڪل سوار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا جنهن جي ڦاٽڻ سان چونڊ آفيس ٻاهران موجب 5 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گاڏين کي نقصان رسيو زخمين کي سول اسپتال نيو ويو جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پ پ اڳواڻ علي مدد جتڪ جو چوڻ هو ته آفيس ۾ موجود هيس ته ڌماڪو ٿيو، آئون ڪارنر ميٽنگ ۾ شرڪت جي تياري ڪري رهيو هيس، معجزاڻي طور بچي ويس مون کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهيان، هوڏانهن ڪيچ ضلعي جي علائقي بليده ۾ به پ پ جي اميدوار ظهور بليدي جي گهر تي دستي بم حملو ڪيو ويو، ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ٻئي طرف سبي جي مين بازار ۾ به  دستي بم جو ڌماڪو ٿيو اتي به ڪو نقصان نه ٿيو، ڪي پي ڪي جي ضلعي باجوڙ جي تڪ اين اي 8 ۾ آزاد اميدوار ريحان زيب کي قتل ڪيو ويو آهي. ريحان زيب تي اربع جي ڏينهن صديق آباد ڦاٽڪ بازار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي،کيس اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ريحان زيب ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو حصو رهيو، اليڪشن 2024ع ۾ پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تان هن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو، اميدوار جي قتل کانپوءِ  اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ 22 تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد: (م ڊ)  بيلٽ پيپرز جي کوٽ سبب ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جي مسئلي تي هڪ هنگامي اجلاس ۾ غور فڪر کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته جن تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپرائي ڪرائڻي پئجي رهي آهي اتي ڇپائي جي سلسلي کي ملڪ جي ٻين تڪن جي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. پر ان جو دارومدار خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ ۽ وقت جي دستيابي سان گڏ پرنٽنگ پريسن جي طاقت سان جڙيل هوندو ۽ جيڪڏهن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ گهربل مقدار ۾ نه مليو ته ڪميشن وٽ انهن تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ کان  علاوه ٻيو ڪوبه حل نه رهندو.اجلاس ۾ انهي ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته اهڙي وقت تي جڏهن چونڊن جي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪئي پئي وڃي. ان دوران ڪجهه تڪن ۾ ٻيهر بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ڪرائڻي پئجي رهي آهي جنهن لاءِ انهي مرحلي تي گهربل  خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي دستيابي ۽ وقت تي ڇپائي جي تڪميل هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي لاءِ 800 ٽن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ استعمال ٿيو هو. اتي 2024ع ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي هڪ وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي لڳ ڀڳ 2400 ٽن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذن جي ضرورت پئي پر ڪميشن صورتحال جي سنگيني سبب بيلٽ پيپر جي سائز کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن سان خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي ضرورت 2170 ٽن رهجي وئي پر اهو انگ صرف هڪ ڀيرو بيلٽ پيپر جي ڇپائي لاءِ ڪافي مشڪل آهي. ترجمان چيو ته اهڙي صورتحال سبب ڪجهه تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جو وڌندڙ سلسلو ۽ انهي مقصد جي لاءِ گهربل خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي انهي مرحلي تي وقت تي دستيابي ۽ ڇپائي هڪ وڏو چيلينج بڻجي سامهون آيو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي اڄ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي،  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اجلاس منجهند جو ٽين وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نگران گهرو وفاقي وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ ڪي پي ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيندا،  جڏهن ته ٻنهي صوبن جا آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جا نمائندا به شرڪت ڪندا.

Leave A Comment