| بلوچستان ۾ آفيس اندر فائرنگ، ليڪچرار قتل، پروفيسر زخمي |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر خاران ۾ خاران ڪاليج جي پروفيسر جي آفيس ۾ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ليڪچرار دلاور خان موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پنجگور سان تعلق رکندڙ پروفيسر بلال احمد سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.