ڪوئٽه/ڪراچي: (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ به برسات ۽ ڳَڙي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو
قلعه عبدالله، ٽوبه اچڪزئي، توبه ڪاڪڙي، زيارت، خانوزئي، ڪان مهترزئي ۽ مسلم باغ ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، برفباري سبب ڪيترائي روڊ بند ٿي ويا آهن
برفباري کان پوءِ ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پڻ پئي جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سوئي گيس جو پريشر نه هجڻ سبب رهواسين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو
قلات، سبي، مستونگ، نوڪنڊي، تفتان ۾ به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن جي ڪري ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي
هوڏانهن اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ٽانڪ، هنگو، اورڪزئي، لکي مروت ۾ ڪٿي برسات ته ڪٿي برفباري سبب موسم ٿڌي ٿي وئي آهي، ديامر ۽ چلاس ۾ برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهڻ سبب ڪيترائي روڊ بند ٿي ويا آهن
موسميات کاتي موجب مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته راولپنڊي، جهلم، چڪوال، سرگودها، ميانوالي، گجرات، بهاوالپور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اميد ڏيکاري وئي آهي
هوڏانهن گوادر ۾ تيز برسات کان پوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن جي نتيجي شهرين جو وڏو انگ لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويو آهي
گوادر جي علائقي پراڻي آبادي، سربندن، ملبند وارڊ ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات سبب روڊ درياءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، پاڻي گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته گهرن ۾ رکيل قيمتي سامان پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ سبب شهرين کي نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو
برساتن دوران ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي وڃڻ کان پوءِ عورتن ٻارن ۽ بزرگن سميت شهرين کي ٻين پاڙن، مدرسن ۽ ڊگهين عمارتن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، رپورٽ موجب گوادر جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميه جا آفيسرن متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيا آهن
سامهون ايندڙ رپورٽن موجب سربندن ۽ گوادر ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون ٻڏي ويون جنهن سبب مهاڻن جو روزگار به متاثر ٿيو آهي. گوادر شهر جي مختلف علائقن مان شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن
لاڳيتو برسات پوڻ سبب مڪران ڪوسٽل هاءِ وي، گوادر ۽ سربندن روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ان حوالي سان پي ڊي ايم اي سمورن ضلعن جي انتظاميه کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته کنوڻ سان وڌيڪ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ وڏي پيماني تي برفباري جو امڪان آهي، برسات ۽ برفباري جو سلسلو 29 فيبروري کان 2 مارچ تائين جاري رهندو
ٻئي پاسي سينيٽر ڪهدا بابر گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي گھر ڪري ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته 14 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب گوادر ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي
هن چيو ته ڪيترائي گھر ڊهي پيا آهن، برسات سبب 7 گھر ڊهڻ جي ته مون کي ڄاڻ ملي آهي، وڌيڪ نقصان به ٿي سگھي ٿو، مهاڻن جون ٻيڙيون برسات سبب ٽٽي پيون آهن، گوادر جو پورو شهر ٻڏي ويو آهي. گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي
ٻئي طرف بلوچستان ۾ داخل ٿيندڙ اولهه هوائن جي سلسلي جي اثرن سبب جمعي تي ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جنهن سان ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي
موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر جي جاري ڪيل اڳڪٿي موجب پهرين مارچ کان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، پهرين مارچ کان سنڌ جي مختلف ضلعن ڄامشوري، ٺٽي، ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، نوشهري فيروز، شهيد بينظير آباد ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي
ارلي وارننگ سينٽر موجب اولهه هوائن جو بلوچستان تي برقرار سلسلو شدت اختيار ڪري ويندو، جنهن سبب 29 فيبروري کان 2 مارچ دوران قمبر – شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ برسات جو امڪان آهي
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب پهرين مارچ کان ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات دوران شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران معمول کان تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڌ وڌي ويندي
غير سرڪاري ويدر اسٽيشن پاڪ ويدر ڊاٽ ڪام جي جواد ميمڻ موجب ڄاڻايل اولهه سسٽم تحت ڪراچي ۾ برسات جا ڳرا اسپيل ٿي سگهن ٿا، جنهن دوران شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو