| بلوچستان ۾ جرڳو، چرٻيلي 8 ڄڻن کي ٽانڊن تي ساک ! |
شھدادڪوٽ (رپورٽر) بلوچستان ۾ دڪان جي چوري جي شڪ ۾ 8 ڄڻن کي ٽانڊن تي گھمايو ويو، موسيٰ خيل واري علائقي ۾ چوري واري معاملي جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳي ۾ چوري جي شڪ ۾ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ 8 ڄڻن کي ٽانڊن تي گهمايو ويو پر انهن مان ڪو به زخمي نه ٿيو،جڏهن ته موسيٰ خيل ضلعي انتظاميا جرڳي جو نوٽيس وٺندي جرڳي ۾ موجود ست ماڻهن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي، پوليس موجب ڪارروائي ڪري هڪ جرڳي جي مشير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.