بلوچستان ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ گرفتار

بلوچستان ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا شهر مان ٻن سوشل ميڊيا ڪارڪنن جي گرفتاري تي چيو آهي ته انهن خلاف اڳ ۾ ئي شڪايتون هيون. بلوچستان جي وڏي وزير جي ميڊيا ۽ سياسي معاملن بابت مددگار شاهد رند جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت اظهار جي آزادي جي آئيني حق تي يقين رکي ٿي. ٻنهي سوشل ميڊيا ڪارڪنن مقبول احمد جعفر ۽ ثناءُ الله اچڪزئي کي ڪوئيٽا مان نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران گرفتار ڪيو ويو. ٻنهي خلاف سائبر ڪرائمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهن تي هڪ آن لائن منظم غلط پروپيگنڊا ۽ بدنامي مهم ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ٻئي سوشل ميڊيا ڪارڪن سرڪاري منصوبن ۽ شخصيتن تي سخت تنقيد ڪندا رهيا آهن. بي بي سي کي مقبول جعفر خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جي ڪاپي ملي آهي، جيڪا اسسٽنٽ هوم ڊپارٽمينٽ ميڊيا آفيسر بابر يوسف زئي جي شڪايت تي درج ڪئي وئي هئي. اين سي سي آءِ اي جي ترجمان پاران ميڊيا کي فراهم ڪيل معلومات موجب جوابدار ثناءُ الله ۽ مقبول احمد جعفر ڪوئيٽا جي اين سي سي آءِ اي پوليس اسٽيشن ۾ پي سي اي 2016 (ترميم ٿيل 2025) جي سيڪشن 20، 26 اي تحت ايف آءِ آر نمبر 14/2026 ۽ 16/2026 ۾ گهربل هئا. اين سي سي آءِ اي دعويٰ ڪئي آهي ته تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته جوابدار مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي اعليٰ سرڪاري عملدارن، شهرين ۽ رياستي ادارن خلاف مسلسل غلط، گمراهه ڪندڙ، بدنام ڪندڙ ۽ اشتعال انگيز مواد پکيڙي رهيا هئا. اين سي سي آءِ اي جي ترجمان موجب بلوچستان ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۾ اهڙي منظم غلط معلومات جي مهم کي عام سوشل ميڊيا سرگرميون نه ٿو سمجهي سگهجي. اين سي سي آءِ اي جي مطابق رياست مخالف پروپيگنڊا ۽ بدنيتي تي ٻڌل ڊجيٽل بيانيا پابندي مڙهيل شدت پسند تنظيمن ۽ انهن سان لاڳاپيل نيٽ ورڪن کي سائبر اسپيس ذريعي نوجوانن کي نفسياتي طور تي متاثر ڪرڻ ۽ عوامي امن کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ رياست مخالف جذبات کي فروغ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. شاهد رند هڪ بيان ۾ چيو ته بلوچستان حڪومت جو انهن گرفتارين سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته ٻنهي سوشل ميڊيا ڪارڪنن خلاف ايف آءِ اي ۾ مختلف شڪايتون اڳ ۾ ئي موجود هيون.