بلوچستان ۾ دهشتگردن جا حملا: گئس لائن تباهه، پوليس موبائل کي باهه، اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا شهيد، 6 زخمي

بلوچستان ۾ دهشتگردن جا حملا: گئس لائن تباهه، پوليس موبائل کي باهه، اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا شهيد، 6 زخمي

ڳڙهي خيرو (رپورٽ: ساگر ڀٽي) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دھشتگردن جا حملا ۽ تخريبڪاري جا واقعا پيش آيا، ضلع جھل مگسي جي شھر ڪوٽڙا ۾ شرپسندن ڪاھه ڪري شھر تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪئي، ھٿياربندن پوليس اهلڪارن کي ٿاڻي اندر يرغمال بڻائي ورتو، بعد ۾ نفري طلب ڪئي وئي 10 ڪلاڪن تائين پوليس ۽ ھٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو ھلندو رھيو ، فائرنگ ۾ ھڪ شھري قادر بخش خاصخيلي مارجي ويو جڏھن ته ڪوٽڙا ٿاڻي جو ايس ايچ او مير حسن سپڪو، ٻه اھلڪار محمد اقبال لاشاري ۽ نثار احمد لاشاري پڻ زخمي ٿي پيا، قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن جي آپريشن بعد علائقي کي ڪليئر ڪرايو ويو، ٻئي پاسي ڪوئٽا بائي پاس تي شرپسندن گيس پائيپ لائن کي بارودي مواد سان تباھه ڪري ڇڏيو، دشت واري علائقي ۾ شرپسندن ريلوي لائين کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ضلع مستونگ جي علائقي ڪانگ ۾ ھٿياربندن پوليس چوڪي تي حملو ڪري اھلڪارن کان سرڪاري ھٿيار ڦر ڪري ، پوليس موبائل کي باھه ڏئي ساڙيو ڇڏيو، جڏهن ته جھل مگسي لڳ نوراني روڊ ڀرسان ايف سي چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ اھلڪار شھيد ٿي ويو، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، شھيد اھلڪار جي سڃاڻپ رضوان طور ڪئي وئي، زخمين ۾ محمد نور ، عمر ايوب شامل آھن.