ڪوئيٽا(پنهنجي ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي زوب ۾ دهشتگردن جو حملو، سنڌ واسي جوان سميت 5 اهلڪار شهيد، 3 دهشگرد به مارجي ويا
زوب ۾ دهشتگردن ڪينٽ جي علائقي ۾ حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ 5 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن ۾ همايون واسي جوان محمد يوسف بروهي به شامل آهي
سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز اوچتي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگر د مارجي ويا، فورسز طرفان علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي
ذريعن موجب دهشتگردن جي حملي ۾ عورت سميت 5 شهري به زخمي ٿي پيا، زخمي اهلڪار ۽ شهري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي