بلوچستان ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل، 2 زخمي

جنوري 2, 2025

باھوکوسو (ن پ ا)بلوچستان جي علائقي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، ڌريون موچابند،صحبت پور جي سٽي ٿاڻي جي حد کالاڻي واري علائقي ۾ محمد نواز کوسو ۽ عبدالمحميد کوسو جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري محمد نواز کوسو جي ڌر جا غلام حسين لاشاري، منظور حسين لاشاري ۽ حق نواز لاشاري موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته عبدالمجيد کوسو ۽ موج دين سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي، مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ٻي طرف ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن. پوليس موجب محمد نواز کوسو ۽ عبدالحميد کوسو جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو.

Leave A Comment