بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جا 2 آپريشن، 14 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جا 2 آپريشن، 14 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (م ڊ) سي ٽي ڊي بلوچستان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪارروائين ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 14 دهشتگرد مارجي ويا آهن. اهي ماڻهو ٻن مختلف ڪارروائين ۾ مارجي ويا. سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آهي ته اهي ماڻهو فائرنگ جي تبادلي ۾ مارجي ويا، پر آزاد ذريعن اڃا تائين ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان انهن جي وابستگي ۽ فائرنگ جي تبادلي ۾ انهن جي موت جي تصديق نه ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سي ٽي ڊي جي تعريف ڪندي چيو ته ان جي ماڻهن پابندي مڙهيل تنظيمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. فراهم ڪيل معلومات موجب پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 15 کان 20 دهشتگرد ديگاري علائقي مان ڪوه مردار جبل پار ڪري ڪوئيٽا جي درخشان علائقي ۾ آيا. اهي علائقي ۾ ڪنهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ موقعي جي انتظار ۾ هئا. سي ٽي ڊي جي اسپيشل آپريشن ونگ جي اهلڪارن کي انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. سي ٽي ڊي موجب اسپيشل آپريشن ونگ جي اهلڪارن کي ڏسي، هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا. سي ٽي ڊي جي دعويٰ آهي ته فائرنگ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جوابي ڪارروائي ۾ اٺ هٿياربند مارجي ويا جڏهن ته باقي برساتي نالن جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي موجب ٻيو آپريشن بارکان ضلعي جي مير واهه جي تنگ خريد علائقي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي هٿياربند ماڻهن جي موجودگي تي ڪيو ويو. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ گهيرو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مبينا دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته باقي فرار ٿي ويا. انهن ڪارروائين دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ جهنڊا پڻ هٿ ڪيا ويا.